سيده سڪينه عه

سيده سڪينه عه

سيده سڪينه عه

سيده سڪينه عه (ڪتاب): هي ڪتاب امام حسين عليه السلام جي معصوم نياڻي بيبي سڪينه عه جي زندگيءَ تي لکيل آهي، جنهن ۾ بيبي صاحبه جا فضائل ۽ مصائب شامل آهن. هي ڪتاب نامياري ليکڪ علامه فروغ ڪاظميءَ جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو ’مشتاق مسرور‘ باريچي ڪيو آهي. مصنف هن ڪتاب کي چئن بابن ۾ ورهايو آهي. پهرئين باب ۾: بيبي سڪينه عه جي والده بيبي ربابعه جو نسب، سيرت ۽ ڪردار حضرت سڪينه جي ولادت، پيءُ ۽ ڌي جي محبت، يزيد جي تخت نشيني ۽ بيعت جي گهُر- جهڙا موضوع شامل آهن. ڪتاب جي ٻئي باب ۾: سيده سڪينه عه مڪي کان ڪربلا تائين، ٻارن جي اُڃ، برير همدانيءَ جو ساراهه جوڳو قدم، ذوالحج جو اچڻ ۽ حضرت سڪينه عه جو روئڻ، شام غريبان، مقتل ۾ ڪهرام جهڙا مضمون شامل آهن. باب ٽيون: بيبي سڪينه عه جو ڪوفي ڏانهن سفر، سيده سڪينه عه کان دعا جي خواهش، ڪوفي جي حالت، ابن زياد جي درٻار، ڪوفي جي قيدخاني جي حالت جي باري ۾ ڪتاب جي آخري باب ۾ ڪوفي کان شام تائين جي سفر جون حالتون ۽ واقعا شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي چار رنگي ٽائٽل سان 135 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2011ع ۾ اسد بڪ ڊيپو، قدم گاهه مولا علي، حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 120 روپيا آهي.


لفظ سيده سڪينه عهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو